ناصر شاهه ۽ عشرت العباد ۾ ملاقات جي خبر ناهي: نثار کهڙو

سکر(رپورٽر) پ پ اڳواڻ نثار کهڙو پاران ضمانت لاءِداخل درخواست جي ٻڌڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران احتساب عدالت پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي 18 ڊسمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 10 لک روپين جا مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻڌڻي بعد احتساب عدالت ٻاهران سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران آزاداڻا طور تي ڪم ڪرڻ واري مطالبي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن مطالبي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پڇيو وڃي ته  ڇا هو ايم ڪيو ايم لنڊن ۾ شامل ٿيڻ واري هن چيو ته سيد ناصر حسين شاهه ۽ عشرت العباد جي ملاقات خبر ناهي ان سان ناصر حسين شاهه جي ملاقات جيڪڏهن ٿي به آهي ته ان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي، پر اڃا واپسي جو جو ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.