اتحادين کي مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڌرڻي جو اصل وقت تڏهن هو جڏهن فضل الرحمان پهريون ڀيرو اسلام آباد آيو هو، هاڻي هي ڌرڻو هڻندا ته خوار ٿيندا، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن کان شڪايت آهي ته هنن جلسن جلوسن ۾ دير ڪئي، 6 مهينا ته هنن کي وارم اپ ۾ لڳندا، هاڻي اپوزيشن ڌرڻو هڻندي ته خوار ٿيندي، گهرو وزير چيو ته شهباز شريف جو نالو اڳ ئي اي سي ايل ۾ آهي، ٻيو ڪيس به موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ نالو به اي سي ايل ۾ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته مان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حق ۾ آهيان، ٽي ايل پي سان معاهدو ٿي ويو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اتحادي ڪيڏانهن به نه پيا وڃن، مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.