نوازشريف ۽ فضل الرحمان ۾ رابطو، ادارا شرمسار ٿي معافي وٺن: فضل الرحمان

ڪراچي (رپورٽر) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارا حقيقتن کي سمجهن ۽ پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺن، جيڪي هوا ۾ اڏري اقتدار ۾ آيا انهن کي عوام جي مسئلن جو ادراڪ ناهي، قوم جي رسوائي جو سبب بڻجندڙ حڪمرانن کي حڪومت جو ڪو به حق ناهي،  پي ٽي آءِ حڪومت چوري جي ووٽن سان آئي آهي، جيڪڏهن هن حڪومت مان جان نه ڇڏائي وئي ته ملڪي سلامتي کي خطرا پيدا ٿي ويندا.مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڪراچي جي ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهري سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته غربت کان تنگ عوام پارليامينٽ لاجز سامهون ٻار کپائڻ لاءِ بيٺا آهن، معيشت مستحڪم ٿيڻ سان ئي قومون مضبوط ٿينديون آهن، تاريخ شاهد آهي ته جتي اقتصادي بحران آيو، اتي بغاوت جنم ورتو.هن چيو ته جيڪا حڪومت قوم کي لڄائڻ جو سبب بڻجي، ان کي اقتدار ۾ اچڻ جو ڪو حق ناهي، اسان پهرئين ڏينهن ئي چئي ڇڏيو هو ته هيءَ حڪومت نااهل ۽ ناجائز آهي، نااهل حڪمران پِني وقت گذاري رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ 22 ڪروڙ عوام کي لڄايو پيو وڃي.هن چيو ته  پي ڊي ايم جو سفر اڄ ڪراچي کان شروع ٿيو آهي، 17 تي ڪوئيٽا ۽ 20 تي پشاور ۾ جلسو ٿيندو، لاهور کانپوءِ اسلام آباد به وينداسين، هن چيو ته ادارا پنهنجي عمل تي شرمندگي جو اظهار ڪن، قوم کان معافي وٺن تڏهن وڃي هڪ قوم بڻجي ملڪ کي بچائي سگهنداسين، ن ليگ جي شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ هلندڙ ڦرندڙ پاڪستان ان حد تائين پهچايو ويو ته پوري دنيا ۾ ڪو اسان جي ڳالهه ٻڌڻ وارو ناهي، مشڪل وقت مان نڪرڻ جو واحد حل نيون چونڊون آهن، غيرقانوني مداخلت ختم ڪئي وڃي‏ ،سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن، محمود اچڪزئي چيو ته دنيا جو ڪو به ملڪ آئين کابن بغير نٿو هلي سگهي، پي ڊي ايم ان ڪري نه ٺهي ته اسان سڀ بيڪار ويٺل هئاسين، عدليه ۽ پارليامينٽ جي آزادي کان بغير حالتون ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن، جڏهن ته مظاهري کي غفور حيدري، عبدالمالڪ بلوچ، اويس نوراني،مفتاح اسماعيل ۽ ٻين خطاب ڪيو.

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطا ٿيو آهي،جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب نواز شريف فضل الرحمان کي خاطري ڪرائي ته پي ڊي ايم لانگ مارچ جو جيڪو به فيصلو ڪندي ن ليگ مڪمل ساٿ ڏيندي، ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ عوام ۽ ملڪ سان ظلم هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.