سنڌ وارن هميشه اسٽيبلشمينٽ جي سازشن جو مقابلو ڪيو آهي: امير العظيم

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امير العظيم چيو آهي ته جماعت اسلامي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي نشان، جهنڊي ۽ منشور سان گڏ ڀرپور حصو وٺندي، سنڌ باب الاسلام ۽ دعوت جو عظيم مثالي صوبو آهي، سنڌ ۾ حق جي راهه ۾ ماڻهن مقامي ۽ عالمي اسٽيبلشمنٽ جي مخالفت ۽ سازشن جو هميشه ڄمي مقابلو ڪيو آهي، تحريڪ جي هر ڪارڪن کي پنهنجي دعوت ۽ عملي تربيت جو مثالي نمونو پيش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي مجلس شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي محمد حسين محنتي، ڪاشف سعيد شيخ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

  • مڪا ٽيرس مان غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪا ٽيرس مان غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ بابت ٻڌڻي دوران عدالت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آھي، عدالت  اڏاوتن دوران ملازمت ۾ موجود ايس بي سي اي آفيسرن خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايس بي سي اي کي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، عدالت مڪا ٽيرس جي بلڊر کي الاٽيز کي ٻن هفتن ۾ متبادل ھنڌ منتقل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن ٻن هفتن ۾ الاٽيز کي بلڊر متبادل جڳھه تي منتقل نه ڪري ته الاٽيز ٽئين هفتي ازخود متبادل هنڌ منتقل ٿي وڃن، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آھي ته الاٽيز جي متبادل رهائش ۽ منتقلي جو سمورو خرچ به بلڊر ادا ڪندو، عدالت حڪم ڏيندي بلڊنگ خالي ٿيڻ بعد ايس بي سي اي کي غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ لاءِ ايس بي سي اي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ايس بي سي اي کي عمارت رهائشين لاءِ قابل استعمال بڻائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ ان حوالي سان سمورو خرچ  بلڊر کان وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ابتدائي عملدرآمد رپورٽ پهرين ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.