ٽي ايل پي سان اتحاد غور هيٺ ناهي: فرخ حبيب

لاهور(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڳ ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهندا رهيا آهن، مخالف ڌر پاڻ ته اڳ ۾ هڪ ٿي وڃي، مخالف ڌر سياسي بيروزگارن جو ميڙ آهي. سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اتحادين جي خدشن کي ختم ڪنداسين، شهباز شريف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته 10 سالن تائين پنجاب ۾ ڪيٽ واڪ وڏو وزير رهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان سياسي اتحاد بابت ڪا ڳالهه غور هيٺ نه آهي، سندس چوڻ هو ته شهباز شريف تي 7 ارب رپين جي ٽي ٽيز ۽ 25 ارب رپين جي جعلي اڪائونٽ جو ڪيس آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.