مهانگائي جي ماريل عوام کي حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏينداسين: شهباز شريف

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي جي ماريل عوام کي حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏينداسين، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانون سازي جي عمل لاءِ فيصلو اپوزيشن جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي ڪندي، اسپيڪر جو مليل خط ڪاميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ جي سطح جا فيصلا گڏيل اپوزيشن ڪندي جيڪي قوم ۽ جمهوريت جي بهترين مفاد ۾ ڪيا ويندا، هن چيو ته حڪومت ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو آهي، ملڪ مسئلن جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، ان کان اڳ شهباز شريف ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي نااهل ۽ ڪرپٽ ترين حڪومت جي ڪري ماڻهو مايوسي جي خطرناڪ ترين حد پار ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.