تعليم کاتو مقرريون بدليون کاتو بڻيل آهي، عمارتن جي حالت خراب هئڻ سبب ڪهڙي منهن سان اسڪولن ۾ وڃان: سردار شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته چوٿين درجي کان لطيف کي پڙهندو آيو آهيان، لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻو آهي، اهڙو اظهار هن تعليم کاتي حيدرآباد طرفان سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيل لطيف شناسائي جي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان کي اهو نصاب پڙهايو پيو وڃي، جيڪو جديد دور جي حالتن موجب ناهي، هن دور ۾ به ريڊيو جو سبق پڙهايو پيو وڃي. هن چيو ته ثقافت کاتي جي وزير طور 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن، پنهنجي ادارن جي حالت ڏٺي آهي، جيڪا تمام گهڻي خراب آهي، اسڪولن جا دورا نٿو ڪري سگهان، ڪهڙي منهن سان اسڪولن ۾ وڃان، جتي ٻار زمين تي ويٺل هجن، اسڪول ويندي خوف ٿو ٿئي ته ڇت جو ملبو منهنجي مٿان نه ڪري پئي، هروڀرو جو وائسراءِ ٿي گهمڻ جو ڪو فائدو ناهي. هن چيو ته اسان کي اسٽيج تي بيهي لطيف سان ڪوڙا وچن نه ڪرڻ گهرجن، وزير تعليم آفيس ۾ 99 سيڪڙو ڪم ٽرانسفر جا ٿين ٿا، تعليم کاتو ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ کاتو بڻيل آهي. هن چيو ته استادن جي ڀرتي ۾ پهرين 55 سيڪڙو پوءِ 50 سيڪڙو ۽ ان کانپوءِ 45 سيڪڙو ۽ 33 سيڪڙو مارڪن جي ڳالهه ڪئي وئي، جيڪڏهن ائين ڪجي ها ته پوءِ مارڪن جي ڪهڙي ضرورت آهي، ائين ئي استاد ڀرتي ڪري ڇڏيون ها. هن چيو ته 5 لک اميدوارن مان 13 هزار اميدوار پاس ٿي سگهيا آهن، مارڪيٽ ۾ بروڪر پيسا کڻي گهمي رهيا هئا. هن چيو ته مون مير محمد شاهه کي چيو هو ته جيڪڏهن ڪابه گڙٻڙ ٿي ته سنڌ جي تعليم تباهه ٿيندي پر آءِ بي اي جو خانو به خراب ٿي ويندو، جيڪي ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي مهم هلائي رهيا آهن، اها مون کي خبر آهي، هتي استادن جي ڀرتي ۾ مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ڪنهن شخص اوطاق لاءِ اسڪول ٺهرايو آهي، ان کي سسٽم مان ڪڍيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.