بلوچستان يونيورسٽي جي کنڀيل شاگردن لاءِ هفتي کان هنيل ڌرڻو 3ڏينهن لاءِ ملتوي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان يونيورسٽي جي شاگردن ٻن شاگردن جي بازيابي جي خاطري بعد هڪ هفتي کان هنيل ڌرڻو اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، 2 شاگرد سهيل بلوچ ۽ فصيح بلوچ گم ٿي ويا، جنهن خلاف شاگردن 7 نومبر کان ڌرڻو هنيو هو، 9 نومبر تي ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي شاگردن يونيورسٽي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ اعلان ڪيو هو ته  ڪو به شاگردن سيمسٽر امتحان ۾ حصو نه وٺندو، ٻن شاگردن جي بازيابي تائين احتجاج جاري رهندو، بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي اڳواڻ بلوچ قادر جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو نئون دور شروع ٿيو، جنهن دوران حڪومت خاطري ڪرائي آهي ته گم ٿيل ٻنهي شاگردن کي بازياب ڪرايو ويندو، جنهن بعد اڱاري تائين ڌرڻو ملتوي ڪيو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي سومر کان ٻيهر کلي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.