سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي: مراد سعيد

اسلام آباد (م ڊ) مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته اپوزيشن نااهل، چور، ڪرپٽ ۽ رد ٿيل ماڻهن جو ٽولو آهي جيڪو گذريل ٽن سالن کان روڊن تي نڪرڻ لاءِ تاريخ تي تاريخ ڏئي رهيو آهي، عمران خان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن کٽيو ۽ سڄي ملڪ جي سمورن صوبن سميت سنڌ ۾ پڻ ايندڙ حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي، وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪشمير جو ڪيس وڙهندو آهي، ماضي جا حڪمران عوام جي پيسن سان ٻاهر جي ملڪن ۾ وڃي علاج ڪرائيندا رهيا آهن. هن چيو ته 11 پارٽيون گڏجي جلسو ڪن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي هڪ ورڪر جي جلسي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن.

  • حليم عادل جي علي گوهر مهر سان ملاقات، سياسي معاملن تي ڳالهيون

خانپورمهر (ن ع آ)  سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر وچ ۾  ڪراچي ۾ ملاقات ٿي آهي، حليم عادل شيخ جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال  ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سردار علي گوهر خان مهر سنڌ اندر تبديلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪوشش آهي ته سنڌ جي عوام کي موجوده حڪمرانن مان ڇٽڪارو ڏياري سگهون..

  • سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف هزارين ماڻهو  روڊن تي نڪري آيا

خرطوم(م ڊ) سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ۾ فوجي بغاوت خلاف هزارين ماڻهو  روڊن تي نڪري آيا، جن جمهوريت جي حق ۾ نعرا هنيا، ان دوران سيڪيورٽي فورسز مظاهرين تي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو ستعمال ڪيو، جنهن سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ياد رهي ته سوڊان ۾ 3 هفتا اڳ فوج جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو آهي.

  • شراب پي ڪاليج ۾ گوڙ ۽ هراسان ڪندڙ 4 جوابدار جيل حوالي

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي سيڪٽر ايف اليون ٿري ۾ هڪ ڪاليج ۾ شراب پي ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن کي هراسان ڪندڙ 4 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو آهي، جوابدارن ۾ جاويد چوڌري جو پٽ فائز جاويد، فيضان مرزا، حارث امتياز ۽ فضل خان شامل آهن، جن ٻه ڏينهن اڳ نشي ۾ ڌت ٿي ماڊل ڪاليج فار بوائز ۾ زوري داخل ٿي عملي ۽ شاگردن کي مارڪٽ ڪئي هئي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.