درياخان مري ۾ هٿياربندن همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو

دريا خان مري/پڊعيدن(نمائندا)دريا خان مري ۾م مراد شاھ بخاري چوڪ تي موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن فائرنگ ڪري گوليون ھڻي ڳوٺ ميرانپور جي رھواسي 55 ساله رٽائرڊ پرائمري استاد خالد حسين عرف خالو پلهه کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو اسپتال م قتل ٿيل رٽائرڊ پرائمري استاد خالد حسين پلھ جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر شوڪت راڄپر موجب گوليون لڳڻ ۽ گھڻو رت وھڻ سبب خالد حسين پلھ فوت ٿيو آھي ،مقتول جي ڀائٽي زڪريا پلهه  ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي استاد خالد پلھ کي مبيجا برادري جي غلام سرور مبيجو شڪيل مبيجو ۽ ٻين گوليون ھڻي بيگناھ قتل ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.