مشهور اداڪارسهيل اصغر لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(م ڊ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جو مشهور اداڪار سهيل اصغر ڊگهو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سهيل اصغر جي گهر واري سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس مڙس سهيل اصغر هڪ هفتي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڪالهه صبح ساڍي يارهين وڳي لاڏاڻو ڪري ويو، ان جي جنازي نماز اڄ آچر تي عصر جي نماز کان پوءِ بحريه ٽائون ۾ ادا ڪئي ويندي، اداڪار سهيل اصغر جي گهرواري ٻڌايو ته سندس مڙس گذريل ڏيڍ سال کان بيمار هو، ڏيڍ سال اڳ سندس معدي جو آپريشن به ٿيو هو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو هو، واضح رهي ته سهيل اصغر پاڪستان جي بهترين اداڪارن مان هڪ هوندو هو، سندس پيدائش لاهور ۾ ٿي ۽ اتي ئي هن تعليم مڪمل ڪئي جنهن کان پوءِ هو ريڊيو پاڪستان جو حصو بڻجي ويو، 1978ع کان 1988ع تائين 10 سالن جي لاءِ سهيل اصغر ريڊيو تي به ڪم ڪندو رهيو جنهن کان پوءِ هن ٿيٽر ڊرامن ۾ اداڪاري شروع ڪري ڏني، سهيل اصغر پنهنجي ڪيريئر دوران لاگ، پياس، چاند گرهن، ڪاجل گهر جهڙن ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.