ڀانن لڳ پوليس جي فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد ۾ مناهيون لنڪ روڊ تي ڀان سيدآباد پوليس پاران پيٽرولنگ دوران هڪ شڪي موٽرسائيڪل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران موٽرسائيڪل سوار پوليس کي ڏسي موٽرسائيڪل کي نہ روڪيو، جواب ۾ بڪتر بند پوليس گاڏي ۾ سوار پوليس اهلڪارن پاران موٽرسائيڪل مٿان فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار اسد راڌڻ، گلزار راهپوٽو ۽ مصطفي راهپوٽو زخمي ٿي پيا، جن کي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب موٽرسائيڪل سوار اسد راڌڻ کي گولي لڳل آهي، باقي ٻہ ڄڻا اسد راڌڻ کي گولي لڳڻ بعد موٽرسائيڪل تان ڪرڻ سبب زخمي ٿيا، زخمين کي سيوهڻ اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وئي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀان سيدآباد قربان قمبراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ پوليس پيٽرولنگ دوران هڪ شڪي موٽرسائيڪل ڏٺي جنهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها موٽرسائيڪل نہ بيٺي، جنهن بعد پوليس کي شڪ پيو تہ اهي ڦورو آهن ان جي ڪري پوليس سندس پيڇو ڪيو، پوليس ڪنهن تي سڌي فائرنگ ناهي ڪئي. هوڏانهن گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل اسد راڌڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڻ ۾ 3  دوست ڪنهن ميلي تي وڃي رهيا سين ته پوليس بڪتر بند گاڏي اسان کي بيهڻ جو اشارو ڪيو رات جو ٽائيم هجڻ سبب اسان خوف مان  نه بيٺا سين ۽ پوليس اسان متان سڌي فائرنگ ڪري اسان کي زخمي ڪري زخمي حالت ۾ ڀان اسپتال آندو ويو ، انهن چيو اسان مذدوري ۽ رڪشو هلائيندا آهيون پوليس بلا جواز اسان متان فائرنگ ڪري زخمي ڪيو جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آهي ، زخمي ٿيل پورهيتن جي وارثن واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ فائرنگ ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.