شهيد حسن ناصر کي ڀيٽا پيش، عوام جي حقن تي ڌاڙا پيا لڳن: امداد قاضي

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته ملڪ جي عوام جي آمدني تي حڪمران ڌاڙو هڻي رهيا آھن، اهي حڪمران ۽ انهن کي ملڪ تي مسلط ڪرڻ وارا آءِ ايم ايف ۽ ٻيا عالمي مالياتي سامراجي ادارن جا دلال ۽ ايجنٽ آھن، انهن کي پنهنجي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي اهڙو اظهار هن ڪامريڊ حسن ناصر جي شهادت جي ڏينهن جي مناسبت سان شيراز ھائوس ڪوهسار لطيف آباد ۾ رکيل هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته ملڪ جي غير سياسي قوتن جيڪي اڄ سياست ۽ رياست تي قابض آھن، انهن عوام کي سياست ۽ سياستدانن خلاف لڳاتار پروپيگنڊا ڪري مايوس ڪري ڇڏيو آھي، ان ڪري عوام موجودا روايتي سياسي پارٽين جي اپيل تي روڊن تي اچڻ لاءِ تيار نه آھن، انهن وٽ عوام لاءِ ڪا به ايجنڊا ناهي، عوام ڪامريڊ حسن ناصر جهڙا ڪميونسٽ جيڪي عوام خاص طور تي محنت ڪش طبقن جي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني به ڏيئي ڇڏيندا آھن، عوام اهڙن اڳواڻن جي اڳواڻي جي منتظر آھي، ڪامريڊ حسن ناصر حقيقي انقلابي اڳواڻ هو، جنهن اشرافيا طبقي سان تعلق ٽوڙي پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪري هيٺيئن طبقي لاءِ سياست ڪئي، هن چيو ته ڪامريڊ حسن ناصر  ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان پوري ملڪ ۾ ون يونٽ جي خلاف، نظام کي بدلي ڪري سوشلسٽ انقلاب آڻڻ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. انهي ڏوھه ۾ کيس جنرل ايوب جي آمريتي حڪومت ۾ 13 نومبر 1960ع تي شاهي قلعي لاهور ۾ لڳاتار تشدد ڪري شھيد ڪيو ويو ۽ لاش کي به غائب ڪيو ويو، ڪميونسٽ پارٽي اڄ به ڪامريڊ حسن ناصر شھيد جي رستي تي هلي ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪري رهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.