ڄام مدد بهترين سياستدان هو، خال ڀرجي نه سگهبو: وڏو وزير

سانگهڙ/ ڄام نواز علي (نمائندا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه ڄام نواز علي ۾ مرحوم ايم پي اي ڄام مدد علي جي پهرين ورسي ۽ سندس فرزند نواب ڄام ظهير علي خان جي پڳ ٻڌائڻ واري رسم ۾ شرڪت ڪئي ۽ سياست توڙي سماجي ڪمن ۾ ڄام مدد علي خان جي خدمتن کي ساراهيو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان موقعي تي چيو ته ڄام مدد علي ملڪ جو هڪ بهترين ۽ سينيئر سياستدان هو جن جي وفات سان ملڪي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ورهين تائين ڀرجي نه سگهبو، هن چيو ته ڄام مدد علي پي پي پي جو سچو ڪارڪن هو ۽ اميد آهي ته سندس خاندان سندس ئي نقش قدم تي هلندي عوامي خدمت کي ترجيح ڏيندو، هن چيو ته ڄام خاندان جون سياسي خدمتون ڪنهن  کان ڳجھيون ناهن، ضلعي سانگهڙ ۽ سنڌ جي عوام جي فلاح بهبود ۽ خدمت لاءِ ڄام خاندان هميشه پاڻ ملهايو آهي. ان کان اڳ نواب ڄام ظهير علي خان جي پڳداري رسم جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد کهاوڙحسين شاهه لطيف پهريون ور ڏنو، ٻيو ور نواب ڄام ذوالفقار علي خان، ٽيون ور نواب ڄام حيدر علي خان ۽ پڳ جو چوٿون ور ڄام نور علي خان ڏنو. ان کان علاوه مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، برادرين جي چڱن مڙسن ڏنا. بعد ۾ اجتماعي دعا گهري وئي ۽ خيرات پڻ ڪئي وئي. تقريب ۾ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان، احمد علي پتافي، صوبائي صلاحڪار جاويد ناياب لغاري، ايم اين اي نويد ڏيرو، سردار عثمان عالماڻي، بهرام خان چانڊيو، ڄام نفيس علي خان، ڄام شبير علي خان، ڄام فاروق علي خان، ڄام قائم علي، ڄام نور علي، علي حسن هنڱورجو، فيصل وساڻ، فقير وريام خاصخيلي، خدا بخش راڄڙ، سرفراز راڄڙ، رئيس اورنگزيب مري، سيد ممتاز شاهه سيد مقصود شاهه، قونصل جنرل شيخ بخيت سميت هزارين ماڻهن  شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.