ڪراچي ۾ چوري ۽ ڦر ٿيل 38 گاڏيون واپس مالڪن حوالي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن مان چوري ۽ ڦر ڪيل ڪروڙين رپين جي ماليت جون 38 گاڏيون هٿ ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان ايس ايس پي اي وي ايل سي بشير بروهي جي هدايت تي شريف آباد ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن دوران گاڏيون مالڪن حوالي ڪيون ويون.

  • ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سائيٽ ايريا نادرا آفيس ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عادل ولد عارف زخمي ٿي پيو، جنهن جي عمر 19 سال ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته جمالي پل ڳوٺ مسلم سوسائٽي جي ويجهو پستول صاف ڪندي اتفاقي گولي لڳڻ سبب پيندا ولد آني زخمي ٿي پيو.

  • خورشيد شاهه جي پٽ ايم پي اي فرخ شاهه جي به ضمانت منظور

سکر(رپورٽر) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي فرزند ايم پي اي سيد فرخ شاهه پاران ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت سيد فرخ  شاهه جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪندي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جنهن کانپوءِ عدالت پاران سيدفرخ  شاهه کي 1 ڪروڙ روپين جا مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته ڇنڇر جو ڏينهن هجڻ ڪري عدالت پاران آزادي وارو آرڊر نه نڪرڻ سبب سيد فرخ شاهه کي سومر واري ڏينهن آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي

  • ڪراچي ۾ ڦر دوران ساٿي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڦورو اسپتال مان گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڦر دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل جوابدار کي اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار محمد شان شھري فرحان کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيو ته اتفاقي طور پنهنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو پيو، جڏهن ته ٻيو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جوابدار کي عباسي شهيد اسپتال مان علاج دوران گرفتار ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.