پني عاقل مان اغوا ٿيل 2 ڀائر بازياب نه ٿيا، ڌرڻو

پنوعاقل(رپورٽ:نور محمد سومرو)2 ڏينھن اڳ نرڇ لنڪ روڊ وٽان پراسرار نموني اغوا ٿي ويل واگھا برادري جي ٻن ڀائرن شفيق ۽ عبدالرحيم واگھو جو ڪو به ڏس پتو نه پيو،قومي شاھراھ تي واگھا برادري پاران لڳل ڌرڻي دوران ڊي ايس پي پاران ورتل مھلت (اڄ)آچر رات 12 وڳي ختم ٿيڻ کانپوءِ نوجوانن جي وارثن پاران ٻيھر ڌرڻي جو اعلان،شھري اتحاد ۽ سول سوسائيٽي جي سڏ تي سوين ماڻھن عيد گاھ وٽان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو، جتي  ميڊم شائسته کوسو،سنڌو نواز گھانگھرو،حافظ رفيق احمد سومرو،ميان خير الدين انڍڙ،اجمل سومرو،وحيد چاچڙ،عطا الله  محسن انڍڙ،منير واگھو،يعقوب بلو سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي شھري اڳواڻن پنوعاقل ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار ايس ايس پي سکر کي قرار ڏئي ڇڏيو،اڳواڻن چيو ته 2 ڏينھن اڳ رات جو سکر کان ڳوٺ ڪريم بخش واگھو ويندڙ ٻن نوجوان ڀائرن کي پراسرار نموني اغوا ڪرڻ ۽ روزانو چوريون ڌاڙا ڦرون  ھجڻ ڪري بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.