ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ بدامني وڌي وئي، 2 ڄڻن کي ٽارگيٽ ڪلرن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي ڪورنگي 5 نمبر ۾ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ايس ايس پي ڪورنگي شاهجهان خان جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن جو قتل ذاتي دشمني جو ڪارڻ لڳي رهيو آهي، قتل ٿيل شھري مڪينڪ وٽ ڪنهن ڪم سان آيو هو ان دوران ٻن موٽر سائيڪل تي سوار 4 ھٿياربندن شهري کي فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مڪينڪ به مارجي ويو، هٿياربند شھري کي ئي ٽارگيٽ ڪرڻ آيا هئا، جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقت سامهون اچي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.