ڪراچي ۾ سرڪاري نمبر پليٽ گاڏي ۾ آيل ڦورو ڪروڙن جا زيور کڻي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 2 ۾ 4 ڦورو هڪ گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪروڙين رپين جي ماليت جا سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن دانهيو آهي ته 5 جوابدار سرڪاري نمبر پليٽ لڳل سلور ڪرولا ڪار ۾ آيا جن مان 4 هٿياربند گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور جنهن ۾ 6 مڪمل سيٽ، 2 برليسٽ چين، 5 ڪنگڻ، هڪ جوڙي جھمڪا ۽ 4 لاڪيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.