گهوٽڪي مان گم ٿيل نوجوان جو ڏس پتو نه مليو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي مان گم ٿيل نوجوان فيض محمد مهر جو ڏس پتو نه پيو پريشان حال وارثن سندس ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي پوليس کي اطلاع ڪيو آهي خبر موجب گهوٽڪي مان گم ٿيل نوجوان فيض محمد مهر جو ڏس پتو نه پيو ، نوجوان جي چاچي نبي بخش پٽ ميهار علي مهر گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڪندي چيو آهي ته سندس ڀائٽيو فيض محمد پٽ ڪريم بخش مهر گذريل ڏينهن گهوٽڪي مان پراسرار نموني گم ٿيو آهي جنهن جو موبائيل نمبر مسلسل بند آهي ، هن نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.