لاهور ۾ اسٽيج اداڪارا تي قاتلاڻو حملو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ اسٽيج اداڪارا شيزا بٽ تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو پر هوءَ محفوظ رهي.

پوليس موجب شيزا بٽ جي ڪار تي نصيرآباد جي علائقي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب اسٽيج اداڪارا جي گاڏي کي نقصان پهتو پر هوءَ خوش قسمتي سان محفوظ رهي.

پوليس شيزا بٽ جي ڀاءُ ارشد علي جي فرياد تي 2 نامزد ۽ 2 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن عبدالحميد عرف مٺو بٽ ۽ رائو ذوالفقار اداڪارا کي پنهنجي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا هئا ۽ موبائل فون تي ڌمڪيون ڏيندا هئا.

هوڏانهن سي سي پي او لاهور واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.