برسلز: جنسي حملا نه رڪيا ته گهران نڪرڻ بند ڪنديون سين، عورتن جو احتجاج

برسلز(ويب ڊيسڪ)يورپين گادي واري هنڌ برسلز ۾ ٿيندڙ هڪ غير معمولي مظاهري ۾ عورتن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن رات جي وقت بار يا ريسٽورنٽ ۾ انهن تي ٿيندڙ جنسي حملا نه رڪيا ته اهي رات جو ٻاهر نڪرڻ ئي بند ڪري ڇڏينديون.

نائٽ لائيف بليڪ آئوٽ جي نالي تي ڪوٺايل غير معمولي مظاهرو جمعي جي رات يورپين گادي واري هنڌ برسلز جي مرڪزي سياحتي علائقي گرينڊ پيلس جي ويجهو ٿيو جنهن ۾ سوين ماڻهو شريڪ ٿيا.

ان مظاهري جو اهتمام عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ 5 تنظيمن ڪيو هو.

مظاهري جو بنيادي مقصد علائقي جي بارز ۾ رات جي وقت ايندڙ عورت گيراهڪن سان نشي جي حالت ۾ پيش ايندڙ جنسي واقعن کي اجاڳر ڪرڻ هو.

ڇو ته ڪيترين ئي عورتن اها گواهي ڏني ته انهن سان اهڙا واقعا بار جا اندر پيش آيا ۽ انهن ۾ مبينا طور تي اتي ڪم ڪندڙ عملو به ملوث آهي.

مظاهرين رسٽورينٽ مالڪن سان مخاطب ٿيندي عورت تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن اهي واقعا نه رڪيا ته عورتون نائيٽ لائيف جو بائيڪاٽ ڪندي رات جو ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏينديون، جنهن جي ڪري انهن جو ڪاروبار بند ٿي ويندو.

مظاهرو ڪندڙ اهو الزام به لڳايو ته شڪايتن جي باوجود ان ڪم جا مالڪ ڪو به نوٽيس نٿا وٺن ان مظاهري ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جن سان اهڙا واقعا ٿيا آهن.

هڪ عورت مظاهري ۾ پلي ڪارڊ کڻي بيٺل هئي جنهن تي لکيل هو ته هڪ گلاس جي قيمت ۾ هو منهنجي عزت به لُٺي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.