افغانستان: 2 عورتن جا لاش هٿ، هڪ ڄڻو ڌماڪي ۾ مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي پڪتيا ۾ ٻه عورتن جا لاش مليا آهن جڏهن ته بس ۾ ڌماڪي سان هڪ شهري مارجي ويو.

افغان ميڊيا موجب صوبي پڪتيا ۾ ٻن عورتن جا لاش مليا آهن جن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ڪابل ۾ ڌماڪي ۾ هڪ شهري مارجي ويو آهي ۽ 2 زخمي ٿيا آهن.

ترجمان وڌيڪ چيو ته بس ۾ ڌماڪي جي ڪري باهه ڀڙڪي پئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.