سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج

خرطوم(ويب ڊيسڪ) سوڊان جي گادي واري هنڌ خرطوم ۾ هزارين ماڻهن جمهوريت جي حق ۾ مظاهرو ڪيو آهي، جنهن دوران 3 ماڻهو مارجي ويا.

خابرو اداري موجب احتجاج دوران سيڪيورتي فورسز مظاهرين تي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سان ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن.

ياد رهي ته سوڊان ۾ ٽي هفتا اڳ فوج جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.