اپوزيشن موسمي بيماري آهي، جيڪا سياري ۾ نڪرندي آهي: مراد سعيد

 

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته اپوزيشن روڊن تي اچڻ تي تاريخ مٿان تاريخ ڏئي رهي آهي، اها موسمي بيماري آهي، جيڪا سياري ۾ نڪرندي آهي.

ڪرڪ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سڀني جماعتن کان وڏو جلسو هڪ تڪ ۾ ڪندا آهيون، دين جي نالي تي سياست ڪئي ويندي آهي، اهي ٻار ٽي وي ٽي وي کيڏندا آهن.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان گو آمريڪا گو جا نعرا هڻندو هو، جنهن جو مطلب هو هلو آمريڪا هلو، زرداري چوندو هو ڊرون حملا ڪيو، ڪو مسئلو ناهي مان سنڀاليندس.

سندس چوڻ هو ته وڪي ليڪس سان خبر پئي پرچي چيئرمين به اڄڪلهه مهانگائي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان آمريڪي سفير کي چوندو هو مون کي خدمت جو موقعو ڏيو، مان زرداري ۽ نواز شريف کان سٺي خدمت ڪندس.

مراد سعيد چيو ته عمران خان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊ کٽي، سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهيندو، پشاور کان ڊي آءِ خان تائين پاڪستان جي ٻئي وڏي موٽر وي تي ايندڙ سال کان ڪم شروع ڪنداسين، سي پيڪ جو اولهه روٽ منظور ٿي ويو آهي، ان جي شروعات ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.