سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي وارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي منهن ڏيندڙ شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ جلد نيون بسون آڻينداسين.

صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ نيون بسون آڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪي ايم سي جي نااهلي سبب بند ٿيندڙ بسن کي به جلد بحال ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ سڀني پلن جي جوائنٽس جي مرمت ڪئي ويندي، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي لاءِ بسون آڻي رهيا آهيون، ڪراچي لاءِ 240 ۽ لاڙڪاڻي لاءِ 10 بسون آڻينداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان وڻڪاري جو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪي ايم سي 1.1 ارب رپين جا ٽينڊر پاس ڪيا آهن، سڀني بند پارڪن جي مرمت ۽ انهن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته گلستان جوهر جي انڊر پاس ۽ فلاءِ اوور جي ٽينڊر تي ڪم شروع ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.