سنڌ ۾ ڊينگيءَ جي حملن جا انگ اکر جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ هلندڙ سال ڊينگي وائرس سان متاثر ۽ فوت ٿيندڙن بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.

صحت کاتي جي ترجمان موجب سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب 19 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، سيپٽمبر ۾ 7، آڪٽوبر ۾ 6 ۽ آگسٽ ۾ ڊينگي وائرس سان متاثر 3 مريض فوت ٿي ويا.

ترجمان ٻڌايو ته ڊينگي سبب مارچ، مئي ۽ جون ۾ هڪ – هڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو، جڏهن ته هيل تائين 4 هزار 732 ماڻهو ڊينگي وائرس سان متاثر ٿي چڪا آهن.

صحت کاتي جي ترجمان موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آڪٽوبر ۾ 2050 ماڻهو ڊينگي وائرس سان متاثر ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.