چنڊ تي آڪسيجن دنيا جي انسانن لاءِ هڪ لک سالن تائين ڪافي آهي: ماهر

چنڊ تي موجود آڪسيجن دنيا جي انسانن لاءِ هڪ لک سالن تائين ڪافي هوندي.

آسٽريلوي سائنسدانن پنهنجي مضمون ۾ چيو آهي ته چنڊ تي موجود مٽي، پٿرن ۽ ٽڪرين تي ايتري آڪسيجن موجود آهي جو اها دنيا جي اٺ ارب انسانن لاءِ هڪ لک سال تائين به گھٽ نه ٿيندي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سائنسدان چنڊ جي مٽي ۽ ٽڪرين مان آڪسيجن حاصل ڪري انسانن لاءِ استعمال جوڳي بڻائڻ جو طريقو واضح ڪري وٺن ته چنڊ تي انسانن جون وسنديون آباد ڪري سگھجن ٿيون.

ماهرن موجب چنڊ تي هوا جو تناسب نه هئڻ برابر آهي. هوام ۾ وڌيڪ مقدار هيليم، نيون ۽ هائڊروجن جو آهي، چنڊ جي سطح تي موجود مٽي، پٿرن ۽ ٽڪرين ۾ آڪسيجن موجود آهي پر اها آڪسيجن مرڪبن جي شڪل ۾ موجود آهي.

چنڊ جي ٽڪرين ۾ 45 سيڪڙو تائين آڪسيجن موجود آهي پر انهن مرڪبن کي ٽوڙي آڪسيجن کي خالص شڪ ۾ آڻڻ لاءِ گھڻي مقدار ۾ توانائي لڳائڻ جي ضرورت پوندي.

پر چنڊ تي توانائي جو انتظام ڪري جيڪڏهن آڪسيجن حاصل ڪئي وڃي يا ڪو اهڙو طريقو ايجاد ڪجي جنهن جي ذريعي گهٽ توانائي استعمال ڪري آڪسيجن جي مرڪبن کي ڌار ڪري سگھجي ته چنڊ تي انساني زندگي جو خواب پورو ٿي سگھي ٿو.

مضمون ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن چنڊ جي سطح تي رڳو 10 ڪلوميٽرن تائين کوٽائي ڪري ٽڪرين کي هٽايو وڃي ته ان مان حاصل ٿيندڙ آڪسيجن اٺ ارب انسانن لاءِ هڪ لک سالن تائين ڪافي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.