مقتول ناظم جو ڀاءُ جاچ مان غير مطمئن، آءِ جي سنڌ کي نئين جي آءِ ٽي لاءِ درخواست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ فريادي ۽ مقتول جي ڀاءُ افضل جوکئي جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي درخواست لکي ڇڏي.

افضل جوکئي پنھنجي درخواست ۾ لکيو آهي ته 3 نومبر تي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ منهنجي ڀاءُ کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو، مان هيل تائين ٿيندڙ جاچ مان مطمئن ناهيان، ڪيس ۾ مک جوابدارن ڄام اويس ۽ ڄام عبدالڪريم کان صحيح طريقي سان پچا ڳاڇا نه پئي ٿئي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پوليس مقتول ڀاءُ ناظم جوکيو جا ڪپڙا، موبائل فون، پرس ۽ ٻيو سامان هٿ نه ڪري سگهي آهي، ڄام اويس ۽ ڄام عبدالڪريم کي مهمان طور رهايو ويو آهي، پرڏيهي عربن کان به جاچ نه پئي ڪئي وڃي، انهن جي نالن جي سڃاڻپ به نه ڪئي وئي آهي، جنهن گاڏي ۾ ڀاءُ کي اغوا ڪيو ويو، اها به هٿ نه ڪئي وئي.

افضل جوکئي درخواست ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مھر کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ سميت ٻيا سنگين قلم شامل ڪيا وڃن، ايس ايس پي تنوير عالم اوڍي جي سربراهي ۾ نئين جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي، جي آءِ ٽي ۾ رينجرز ۽ ڳجهن ادارن جي آفيسرن کي شامل ڪيو وڃي، ڪيس جي فريادي، شاهدن ۽ وڪيلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.