سردار شاهه جو انوکو منطق، سهولتون وڌائڻ لاءِ 5 هزار اسڪول ختم ڪرڻ جو فيصلو

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ 5 هزار اسڪولن کي ختم ڪري رهيا آهيون، اسڪولن جو انگ گهٽ ڪرڻ جو مقصد سهولتون وڌائڻ آهي.

حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته بند ڪيل اسڪولن جون عمارتون حڪومت حوالي ڪنداسين، انهن عمارتن ۾ ڀلي جانورن جون اسپتالون، ڊسپينسريون يا ڪميونٽي هال ٺهن، اسان کي ڪو اعتراض ناهي.

هن چيو ته سنڌ جون 4 هزار عمارتون هيريٽيج ڊڪليئرڊ آهن ۽ اها وزارت وفاقي حڪومت وٽ آهي، وفاقي حڪومت سان ڳالهائينداسين ته قومي ورثي جي تحفظ ۾ پنهنجو حصو وجهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ سڀ کان وڏو چئلينج تعليم آهي، اسان جي ٻارن کي اهو نصاب پڙهايو پيو وڃي، جنهن جو جديد دور سان واسطو ناهي، اسان جا ٻار اڄ به ريڊيو جي باري ۾ پڙهي رهيا آهن، جڏهن ته سمارٽ فون هٿ ۾ آهي، 50 هزار استادن جي ڀرتين کانپوءِ کوٽ ختم ٿي ويندي.

سردار شاهه وڌيڪ چيو ته مان ڪهڙي منهن سان اسڪولن جي وزٽ ڪيان، جتي وڃاڻ ٿو ٻار زمين تي ويٺا آهن، بجلي ناهي، دل جي ڳالهه ڪيان ٿو ٻار ڪمفرٽيبل نه هوندا ته تعليم ڪيئن حاصل ڪندا؟ چئلينجن کي منهن ڏيڻ اڪيلي وزير جو ڪم ناهي پر سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.