گوگل ڪروم برائوزر ۾ اسڪرين شاٽ جي فيچر جي واڌ

گوگل ڪروم برائوزر ۾ هڪ اهم فيچر جي واڌ ڪندي واهپيدارن کي خوشخبري ڏني وئي آهي.

ان حوالي سان جاري رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل ڪروم برائوزر ۾ اسڪرين شاٽ جي هڪ اهم فيچر جو واڌارو ڪيو ويو آهي جيڪو في الحال ٽيسٽنگ ورزن جو حصو آهي.

ان فيچر جي مدد سان اسڪرين شاٽس تي ڊرائنگ، ڪراپ ۽ ٽيڪسٽ جو واڌرو ڪري سگهبو جڏهن ته اسڪرين ٽاٽس کي پي اين جي تصويرن ۾ به محفوظ ڪري سگهبو.

گوگل موجب اهو نئون فيچر ونڊوز، ميڪ او ايس ۽ لينيڪس سان گڏوگڏ ڪروم او ايس ۾ به موجود هوندو.

اينڊرائيڊ تي ڪروم ايپ ۾ اهڙا ٽولز ڪيترن ئي مهينن کان موجود آهن جيڪي اسڪرين شاٽس وٺڻ ۽ ايڊيٽنگ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

هاڻي اهو فيچر ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ ورزن ۾ به متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو هن وقت برائوزر جي ٽيسٽنگ ورزن جو حصو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.