سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ شعيب ملڪ جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ پنهنجو پهريون پيغام جاري ڪري ڇڏيو.

شعيب ملڪ ٽوئيٽر تي ٽي ٽوئنٽي جي قومي اسڪواڊ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ٽيم ٺاهڻ لاءِ مستقل مزاجي ضروري هوندي آهي، جڏهن اسان کيڏندا آهيون ته هڪ ٽيم جيان فتحياب ٿيندا آهيون ۽ ٽيم طور ئي شڪست به کائيندا آهيون.

هن چيو ته سڀ کان اهم اهو آهي ته اسان آخر تائين وڙهندا آهيون ۽ هيل به اسان ائين ئي ڪيو، هي وقت هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جو ۽ اڳتي وڌڻ جو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.