لعلورائنڪ: وڳڻ ۾ مهينو گذري وڃڻ باوجود ٽائون آفيسر مقرر نه ٿي سگھيو، شهري پريشان

لعلورائنڪ ڀرسان وڳڻ ۾ مهينو گذري وڃڻ باوجود ٽائون آفيسر مقرر نه ٿي سگھيو.

لعلورائنڪ ڀرسان ٽائون آفيسر کي بدلي ڪرڻ انتظاميا مهينو گذري وڃڻ باوجود ٻيو ٽائون آفيسر مقرر نه ڪري سگھي جنهن سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو ۽  رهواسي فوتي ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽن لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن جڏهن ته  ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ ڪري ٽائون عملي کي پگھار به جاري ناهي ڪئي وئي.

ان حوالي سان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته جلد کان جلد ٽائون آفيسر مقرر ڪري شهرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.