ڌاٻيجي: شهيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو ويندو: سعيد غني/ساجد جوکيو

صوبائي وزير سعيد غني ۽ ساجدي جوکيو ڳوٺ آچر سالار پهچي شهيد ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي سعيد غني ۽ ساجد جوکيو چيو ته هي واقعو انتهائي ڏکائيندڙ آهي جنهن جي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاه سميت سڄي پيپلز پارٽي مذمت ڪئي آهي،

هنن چيو ته اسان شهيد ناظم جوکيو جي خاندان کي خاطري ڪرايون ٿا ته سنڌ حڪومت هنن سان گڏ بيٺل آهي، واقعي سان پارٽي جو ڪو به واسطو نه آهي، پيپلز پارٽي حق سچ جو ساٿ ڏيندي آهي.

سندن چوڻ هو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون ۽ عوام سان ٿيندڙ هر زيادتي تي آواز اٿارينداسين، شهيد ناظم جوکيو جي وارثن کي خاطري ڪرايون ٿا ته شهيد جي خون سان انصاف ڪيو ويندو.c

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.