سُڪون جي ننڊ ڏياريندڙ بهترين کاڌا

دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ننڊ جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، اڄ جي دور ۾ سُڪون جي ننڊ ڪرڻ وارو ماڻهو ڪنهن نعمت سان مالامال هجڻ کان گهٽ ناهي.

ماهرن موجب هڪ انسان جي لاءِ رڳو 7 کان 9 ڪلاڪن جي لاءِ سُمهڻ ئي ڪافي ناهي پر ان سان گڏ بهترين کاڌن جو استعمال به ضروري آهي ۽ خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ جن کي رات جو سمهڻ ۾ مسئلا پيدا ٿين ٿا.

اڄ اسان هتي اهڙن کاڌن جو ذڪر ڪنداسين جن کي کائڻ سان رات جو سُڪون جي ننڊ ڪري سگهجي ٿي.

ماکي:

هونئن ته ماکي کي شفا چيو ويندو آهي ۽ ماکي ڪيترن ئي مسئلن جو حل به آهي پر هتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان رات جو ننڊ نه اچڻ جي ڪري پريشان آهيو ته سمهڻ کان اڳ ماکي کي گرم پاڻي ۾ ملائي هڪ ليمي جي رس وجهي پي ڇڏيو ائين ڪرڻ سان توهان کي سُڪون جي ننڊ اچي ويندي.

ڪيلو:

ڪيلو کائڻ جا ڪيترائي فائدا آهن انهن مان هڪ فائدو اهو به آهي ته جيڪڏهن توهان ڪيلي کي سمهڻ کان اڳ کائيندا ته توهان سُڪون جي ننڊ سمهي سگهو ٿا ڇو ته ان ۾ميگنيشيم جو جَجهو مقدار موجود هوندو آهي جنهن سان چيلهه ۽ ڪلهن کي آرام ۽ جسم کي سُڪون ملندو آهي.

چيري:

عام طور تي ماڻهو چيري جو استعمال ڪندا آهن پر ان جي فائدن کان اڻڄاڻ هوندا آهن، جيڪڏهن ان کي رات جي وقت سمهڻ کان ٿورو اڳ کائجي يا ان جو جوس پيئجي ته هڪ پُرسڪون ننڊ جي ضمانت ملي ويندي.

بادام:

اسان مان ڪيترائي بادام جي ان خوبي مان ته واقف آهن ته جيڪڏهن اسان بادام کائون ته دماغ تيز ٿيندو آهي پر ان جو هڪ ٻيو دلچسپ فائدو اهو به آهي ته جيڪڏهن ان کي رات جي ننڊ کان اڳ استعمال ڪيو وڃي ته اهو به توهان جي پُرسڪون ننڊ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.