ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ گاڏي نه روڪڻ تي پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

 

قصور (ويب ڊيسڪ) قصور ضلعي جي تعلقي ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ گاڏي نه بيهارڻ تي پوليس اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب گذريل رات تقريبن هڪ وڳي ڪوٽ راڌا ڪشن ڀرسان ڳوٺ متا جا رهواسي نوجوان اصغر، عبدالجبار ۽ رمضان قصور ۾ کاڌو کائڻ لاءِ ويا هئا.

کاڌي کان واپسيءَ تي جڏهن انهن جي ڪار راجا جنگ بس اسٽاپ ڀرسان پهتي ته پوليس بيهڻ جو اشارو ڪيو، وارثن موجب ڪار ٿوري پري بيهڻ تي پوليس موبائل ۾ سوار اهلڪارن مبينا طور گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 32 ورهين جو اصغر مارجي ويو، جڏهن ته عبدالجبار ۽ رمضان زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب اطلاع ملڻ تي اعليٰ اختياريون پهچي ويون ۽ ڊي پي او قصور جاچ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واقعي ۾ ملوث 5 پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي وئي آهي ۽ 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او فرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.