سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آھي: صنعان خان قريشي

جيئي سنڌ قومي معاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سرداري نظام سنڌ لاءِ  ناسور آھي، وڏيرا شاهي مظلوم ماڻھن جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ،ڪلچرل سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو سان گڏ ڳوٺ آچر سالار پهچي شهيد ناظم جي وارثن تعزيت ڪئي.

ان موقعي صنعان خان قريشي جو چوڻ هو ته شهيد ناظم جوکيو جو قتل مذمت جوڳو آهي، شهيد ناظم جوکيو جا قاتل  قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا.

هن چيو ته سرداري نظام سنڌ لاءِ  ناسور آھي، وڏيرا شاهي مظلوم ماڻھن جو جئيڻ جنجال ڪري ڪري ڇڏيو آهي، ناظم جوکيو جي  قتل سڄي سنڌ جي شعور کي جاڳائي ڇڏيو آهي، هاڻي سنڌ جو ماڻھو ڪنهن به صورت ۾ سرداري نظام قبول ڪندو، سنڌ کي شڪارگاھ نه بڻايو وڃي پکين جي جانورن جي شڪار تي مڪمل پابندي هنئين وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.