گمبٽ: پراسرار نموني فوت ٿي ويل نينگري جي قبر ڪشائي

عدالتي حڪم ميڊيڪل ٽيم گمبٽ جي ڳوٺ سائدي لوئر پهچي پراسرار نموني فوت ٿي ويل نينگري جي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا.

جوڊيشل مئجسٽريٽ گل محمد بروھي جي حڪم تي سکر جي غلام محمد مهر ڪاليج اسپتال جي ٽيم ڊاڪٽر ضمير حسين، امان الله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ گمبٽ ويجهو ڳوٺ سائدي لوئر  جي پير جعفر علي شاھ جي قبرستان پهچي 7 مهينا اڳ پراسرار نموني فوت ٿي ويل نينگري ڀانل سومرو جي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا جيڪي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا جنهن جو نتيجو اچڻ بعد نينگري جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو.

واضح رهي ته  نينگري ڀانل سومرو جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو جنهن تي عدالت قبرڪشائي جو حڪم ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.