تِرن جي بوڻينڊن جا انوکا فائدا

اسان مان ڪيترائي ماڻهو تِرن جا بوڻينڊا کائيندا آهن پر انهن کي انهن جي فائدن جي ڪا خبر ناهي هوندي.

ماڻهو سياري جي موسم ۾ خشڪ ميوا وڏي شوق سان کائيندا آهن ۽ انهن ميون ۾ تِرن جي بوڻينڊن جو به شمار ٿيندو آهي، اهي بوڻينڊا کائڻ جا ڪيترائي فائدا آهن جن مان ڪجهه جي باري ۾ اسان اڄ توهان کي ٻڌائينداسين.

وارن جي مضبوطي:

تِرن جو تيل لڳائڻ سان وار مضبوط ٿيندا آهن ۽ گنجائپ به ختم ٿي ويندي آهي جڏهن ته بوڻينڊا کائڻ سان انسان جي چمڙي به چمڪندي آهي.

رت جي کوٽ:

جيڪڏهن ڪنهن انسان ۾ رت جي کوٽ ٿي وڃي ته اهو ڪاري تِرن جا لَڏو کائي ڇو ته انهن ۾ آئرن جو جَجهو مقدار موجود هوندو آهي جنهن سان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ رت جي کوٽ ختم ٿي ويندي آهي.

هڏن جو سُور:

تِرن جو استعمال هڏن جي تڪليف کي ختم ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي هڏن جو سُور هجي ته اُهو کِير ۽ تِرن جو استعمال ڪري ته ان کي سُور مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

پيشاب جو گهڻو اچڻ:

جيڪڏهن توهان گهڙي گهڙي پيشاب اچڻ کان تنگ آهيو ته تِرن جا بوڻينڊا ان جو بهترين حل آهن انهن جو استعمال ڪيو ته ان مسئلي مان جان ڇُٽي ويندي.

واضح رهي ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو شگر جا مريض آهن ۽ ان ڳالهه کان ڊڄندا آهن ته اسان تِرن جا بوڻينڊا کائينداسين ته شگر وڌي ويندي ته انهن کي به پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي اهي شگر فِري تِرن جا بوڻينڊا کائي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.