عرفان جي ڪهڙي خواهش اڌوري رهجي وئي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي اڳوڻي ليجنڊري اداڪار عرفان خان جي گهرواري ستاپا سڪدر مڙس جي اڌوري خواهش بابت مداحن کي ٻڌايو آهي.

عرفان خان جي گهرواري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي اداڪار جي سال 2017 جي پراڻي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي فلم ”قريب قريب سنگل“ جو پوسٽر شيئر ڪيو.

اداڪار جي گهرواري پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾لکيو ته جڏهن هن ننڊ نه ايندي آهي ته سوشل ميڊيا جو رخ ڪندي آهي جتي پراڻيون يادون تازيون ٿي وينديون آهن.

ساحر لڌيانوي جي مشهور سُٽن ”تم هوتي تو يي هوتا“ کي ياد ڪندي سوتاپا شيئر ڪيو ته عرفان خان سدائين پنهنجي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو انکي پڙهڻ چاهيندو هو.

ستاپا سڪدر چيو ته بچن صاحب جو مشهور آواز ٻڌي عرفان خان حيران ٿي ويندو هو ۽ چوندو هو ته يار مونکي پنهنجي زندگي ۾ هڪ ڀيرو اهي سِٽون چوڻيون هيون پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو.

اداڪار جي گهرواري چيو ته عرفان خان دنيا مان هليو ويو پر خواهش اڌوري رهجي وئي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو ايڏو ويجهو هوندا آهن جو انهن جي وڃڻ کانپوءِ به اهي اوترا ئي ويجهو هوندا آهن.

واضح رهي ته گذريل سال 29 اپريل تي ورسٽائل اداڪار عرفان خان 53 سالن جي عمر ۾ ڪولون انفيڪشن جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو هو ان جي پونئرن ۾ گهرواري ۽ ٻه پُٽ ايان ۽ بابيل شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.