کپرو: گھرن کي باهه، ڪيترائي گھر سڙي رک

کپري ڀرسان گھرن کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي پورهيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا.

کپري ڀرسان ڳوٺ گل محمد راڄڙ ۾ اوچتو  باھ لڳڻ سبب لڇمڻ، موھن، گورڌن، پارو ڀيل سميت ٻين جا گھر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل اناج ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان سڙي ويو.

انتظاميا فائر برگيڊ گاڏي خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي کٿو جواب ڏئي ڇڏيو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.