دادو: مختلف سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن پاران ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف احتجاج

ڦلجي اسٽيشن شھر جي مختلف سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيم پاران ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي ۽ قمبر ۾ فھميده سيال جي قتل خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن  شاھنواز سومرو، محمد نديم، راجپوت، ظھير عباسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي سردارن ۽ جاگيردارن پنهنجي عدالتون ٺاھي ڇڏيون آهن، سردار ۽ جاگيردار سنڌ جي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن، شھيد ناظم جوکيو جو ڪيس ھلائيندڙ وڪيل کي جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار دھمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

سنڌ جي سردارن ۽ جاگيردارن پاران غريب ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي جيستائين شھيد ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي وارثن سان انصاف نٿو ڪيو وڃي تيستائين احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.