سکر: مهانگائي سبب عوام حڪومت مان تنگ آهي: خورشيد شاهه

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت عوام مٿان مهانگائي جو عذاب آندو آهي جنھن سبب عوام عمران حڪومت مان تنگ آھي.

سکر جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت خلاف مخالف ڌر هڪ پليٽ فارم تي آهي اپوزيشن کي متحد ڪرڻ منھنجي خواھش ھئي، موجودا حڪومت عوام مٿان مهانگائي جو عذاب آندو آهي جنھن سبب عوام عمران حڪومت مان تنگ آھي.

هن چيو ته پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻو آهي، پارليامينٽ طاقتور هوندي ته سمورا ادارا مضبوط هوندا، پارليمانيٽ جي ڪمزوري سبب ملڪي معاملا حل نه پيا ٿين، موجودا حڪومت خلاف ڪو به مارچ نه پيو ڪيو وڃي حڪومت خلاف لانگ مارچ جي ضرورت ئي نه پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.