ڀان سيدآباد: آبادگارن جو زرعي پاڻي جي خلاف ڌرڻو

ڀان سيدآباد ۾ آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مختلف شاخن جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف منظور جمالي ، ڪامل پنهور ، لياقت جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل ئي ڪيترن مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون پر وڏي وزير جو تڪ هجڻ باوجود پاڻي نه پيو ملي.

هنن چيو ته زرعي پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهن جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

آبادگارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.