ڏهرڪي: ساڄاهه ودندن جو سرداري نظام ۽ ناظم جوکيو جي قتل خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ ساڄاهه وند ڌرين پاران سرداري نظام ۽ ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن صحافي محمد صادق لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهيد ناظم جوکيو جو قتل سموري انسانيت جو قتل آهي سندس قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪو آهي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي هت شهيد ناظم جوکيو جي قاتلن کي ڦاهي ڏئي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.