گهوٽڪي: سماجي تنظيم پاران ملڪيتن تي قبضن خلاف هندو برادري جو ڪٺ

گهوٽڪي ۾ سماجي تنظيم سناتن سوشل ويلفيئر پاران  هندو برادري جي مليڪتن تي قبضن خلاف شهر جي مين چوڪ ڀرسان هندو برادري جو ڪٺ ڪوٺايو ويو.

جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي صدر سڌامچند ڪيولراماڻي، ايڊوڪيٽ راجا , هندو پنچائت جي نائب صدر وزير پرڀداس، سريش ڪمار، چندر لعل صراف ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ڪٺ ۾ ڳالهائيندي سناتن سوشل ويلفيئر جي صدر ٽيڪم داس راجپوت، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي صدر سڌامچند ۽ ٻين چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اقليتن جي ملڪيتن تي قبضا ختم ڪرايا وڃن، جنهن بعد سنڌ حڪومت کي خط لکي گهوٽڪي ۾ ٿيل قبضن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهوٽڪي ۾ شيوالا مندر ۽ درٻار صاحب جي زمينن تي قبضا ٿيل آهن.

هن چيو ته مختيارڪار پاڻ رپورٽ ڏني ته ڳئون شالا جي 38 ويسا زمين تي امبرت لعل جو قبضو آهي، جتي جنگ جوان رائيس مل لڳائي وئي آهي.

ڪٺ ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته ڳئون شالا مندر جي زمين تان قبضو ختم ڪيو وڃي، مندر جي زمين تي سخي بابا يا ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان خيراتي اسپتال قائم ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.