قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش پهچي وئي

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ دبئي کان بنگلاديش پهچي وئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجو سفر ختم ڪرڻ کانپوءِ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش پهتي آهي.

ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ 16 نومبر تي ڍاڪا ۾ اسڪواڊ جوائن ڪندو.

پاڪستاني ٽيم بنگلاديش ۾ هڪ ڏينهن آئسوليشن کانپوءِ ٽريننگ جي شروعات ڪندي.

بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ ورلڊ ڪپ کيڏندڙ 18 رڪني پاڪستاني ٽيم ۾ رڳو هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ محمد حفيظ جي جاءِ تي افتخار احمد کي شامل ڪيو ويو آهي، محمد حفيظ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ خاطر بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.

قومي ٽيم ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، افتخار احمد، عماد وسيم، خوشدل شاهه، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، سرفراز احمد، شاهين آفريدي، شعيب ملڪ، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر شامل آهن.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ 19، 20 ۽ 22 نومبر تي ڍاڪا ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز به شيڊيول آهي، جنهن لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.