پي ڊي ايم جو ڪراچي کان سفر شروع ٿي ويو، اسلام آباد وينداسين: فضل الرحمان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت چوري جي ووٽن سان آئي آهي، جيڪڏهن هن حڪومت مان جان نه ڇڏائي وئي ته ملڪي سلامتي کي خطرا پيدا ٿي ويندا.

مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڪراچي جي ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهري سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته غربت کان تنگ عوام پارليامينٽ لاجز سامهون ٻار کپائڻ لاءِ بيٺا آهن، معيشت مستحڪم ٿيڻ سان ئي قومون مضبوط ٿينديون آهن، تاريخ شاهد آهي ته جتي اقتصادي بحران آيو، اتي بغاوت جنم ورتو.

هن چيو ته جيڪا حڪومت قوم کي لڄائڻ جو سبب بڻجي، ان کي اقتدار ۾ اچڻ جو ڪو حق ناهي، اسان پهرئين ڏينهن ئي چئي ڇڏيو هو ته هيءَ حڪومت نااهل ۽ ناجائز آهي، نااهل حڪمران پِني وقت گذاري رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ 22 ڪروڙ عوام کي لڄايو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، هر طبقو مايوس ٿي چڪو آهي، اسان ملڪ جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، حڪومت مان جان نه ڇڏائي وئي ته ملڪ جي سلامتي جو سوال پيدا ٿيندو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جي ريلي ڪراچي کانپوءِ ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ اسلام آباد پهچندي، پي ڊي ايم جو سفر اڄ ڪراچي کان شروع ٿيو آهي، 17 تي ڪوئيٽا ۽ 20 تي پشاور ۾ جلسو ٿيندو، لاهور کانپوءِ اسلام آباد به وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.