باجوڙ ۾ پوليس تي حملو، ٻه اهلڪار شهيد

 

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي قبيلائي ضلعي باجوڙ ۾ راغگان ڊيم ڀرسان پوليس اهلڪارن کي امپرووائزڊ ايڪپلوزيو ڊوائس (آءِ اي ڊي) سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

ضلعي پوليس آفيسر صمد خان موجب پوليس اهلڪار ڊيم جي سيڪيورٽي تي مقرر هئا، صبح تقريبن ساڍي ڏهين وڳي اهلڪارن کي آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

سندس چوڻ هو ته شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ هڪ سپاهي ۽ هڪ حوالدار شامل آهي، ٻنهي اهلڪارن جا لاش ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ واڌو چوڪي به قائم ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ 21 آڪٽوبر تي پڻ باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ ايف سي ۽ پوليس جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.