پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن تي لاڳو سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پيٽرول تي لاڳو سيلز ٽيڪس جي شرح 1.43 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 6.75 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گاسليٽ تي لاڳو سيلز ٽيڪس جي شرح 6.70 ۽ لائٽ ڊيزل تي 0.20 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ مهيني جي شروعات تي ئي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.