موري ۾ قتل ٿيل سيما پڃارو ڪيس ۾ نئون رخ، احتجاج

مورو   ( ت ر )  مورو ڀرسان ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ پڃارو برادري ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ناري سيما ڌي غلام قادر پڃارو جو قتل نئون رخ اختيار ڪري ويو، جنھن ۾ الزام ھيٺ آيل روشن پڃارو جي گھر واري شڪيلان پڃارو، سندس ماءُ  عنايت خاتون ۽ عابدہ پڃارو، عباسي پڃارو معصوم ٻارڙن سميت مورو پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو آھي ته قتل ٿيل ناري سيما کي پنھنجي چاچي رحيم بخش پڃارو ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ھڻي قتل ڪيو آھي ۽ قتل جو الزام روشن تي مڙھيو آھي ۽ اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي، اسان ايس ايس پي نوشھرو فيروز سميت ٻين ذميوار اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته قتل ٿيل ناري سيما جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن اصل قاتل ظاھر ٿي پون، ٻئي پاسي قتل ڪيل ناري جو ڪيس لغاري ٿاڻي تي ناري جي پيءِ غلام قادر پڃارو پاران ھڪ سڃاتل روشن پڃارو ۽ ٻن نامعلومن خلاف داخل ڪرايو آھي جڏھن ته ھن مھل تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آھي، لغاري ٿاڻي جي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻي رھي آھي، پر جوابدار پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.